SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رش بيگا معاهدو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


رش بيگا معاهدو

Rush Bagot Treaty

رش بيگا ٽريٽي

16 اپريل 1818ع تي برطانيا ۽ آمريڪا جي حڪومتن وچ ۾ معاهدو ٿيو، ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سرحدن تي مقرر ٻنهي مُلڪن جي فوج کي هٽايو ويندو ۽ ان علائقي جي مشهور سامونڊي ڪپر ”Lake Champlain “ ۽ ”Great lakes “ (اتر آمريڪا جو هڪ سامونڊي رستو ، جيڪو برطانيائي بحري فوج لاءِ استعمال ٿيندو رهي ٿو ) جي جاين کي ڪنهن به قسم جي بحري زور آزمائيءَ کان آجو رکيو ويندو. هن معاهدي تحت ٻنهي ملڪن طرفان علائقي ۾ محدود پيماني واري فوجي موجودگيءَ جي حمايت ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيل معاهدن مان هي گهڻي کان گهڻو عرصو هلندڙ معاهدو آهي. 1818ع کان اڄ تائين هن معاهدي جي پاسداري ڪئي ويندي آهي. بين الاقوامي تعلقات ۾ ان قسم جي معاهدي جي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ جيڪڏهن امن معاهدا ڊگهي عرصي تائين قائم رهندا، ته سندن وچ ۾ ڪافي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا . ٻن ملڪن وچ ۾ ڊگهي جنگ بنديءَ سبب معاشي، سياسي ۽ سماجي تعلقات وڌائڻ جي حوالي سان ’رش بيگا‘ جهڙا معاهدا لازمي ۽ اهم سجهيا وڃن ٿا. جيئن ته هي معاهدو آمريڪا جي عارضي پرڏيهي وزير” رچرڊ رش “ ۽ برطانيا جي آمريڪي معاملن جي وزير ”سر چارلس بيگا“ (Charles Bagot ) جي صحين سان ٿيو، تنهن ڪري معاهدي کي سندن نالن پٺيان منسوب ڪيو ويو


Remember Me Also:

آڻيان مور

ث. منگر مڇيءَ جو هڪ قِسم جا ماڻهوءَ کي پُڇ سان ڌڪ هڻندي آهي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal